عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لئنگئيج انجنيئرنگ، حيدرآباد، سنڌ حڪومت جي ثقافت، سياحت، نوادرات ۽ آرڪائيوز کاتي جي انتظامي ڪنٽرول هيٺ ڪم ڪندڙ هڪ عملي ۽ ڪمپيوٽيشنل لسانيات تي تحقيقاتي اداري طور 2019ع ۾ خاص قانون ذريعي قائم ڪيو ويو آھي. هن اداري جو بنيادي مقصد سنڌي ٻوليءَ کي ڊجيٽل واڌاري ۽ مصنوعي ذھانت تي آڌاريل ٽيڪنالاجين سان ھڪ ڪرو آهي، جيئن سنڌي ٻولي جديد ترين علمن، سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ھن نرالي دنيا ۾ سندي لوڪ ڏاھپ پکيڙيندي پنھنجو ڪردار ڀرپور نموني سان ادا ڪري سگهي.
انسٽيٽيوٽ جو نالو سنڌي ڪمپيوٽنگ جي باني ۽ ڊجيٽل سنڌي ٻوليءَ جي بنيادي سائنسدان عبدالماجد ڀرڳڙيءَ جي نالي تي رکيو ويو آهي، جن سنڌي ٻوليءَ لاءِ پھريون انسٽالر ۽ فونٽ ايجاد ڪري سنڌيءَ کي ڪمپيوٽر جي اسڪرين تي 1987ع ۾ متعارف ڪرائيندي سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڊجيٽل دنيا ۾ داخل ٿيڻ جو دڳ ٺاھيو. انسٽيٽيوٽ انهن بنيادي ڪوششن کي اڳتي وڌائيندي مصنوعي ذھانت جي پليٽفارمن ۾ وڌيڪ اڳتي وٺي وڃي رهيو آهي. ادارو مصنوعي ذهانت، قدرتي ٻولين جي سرشتيڪارين، مشيني سکيائن، ڪمپيوٽري لسانيات ۽ سنڌي ٻوليءَ سان لاڳاپيل جديد تحقيقن جي ميدان ۾ سرگرم آهي. هتي سنڌي ٻوليءَ لاءِ خودڪار اکر شناسيءَ کان ٻين انيڪ جديد لسانياتي اوزارن کي تيار ڪيو پيو وڃي، جيڪي نہ رڳو علمي تحقيق لاءِ آئيندي ساز ٿيندي ڪارائتا آهن پر عام ماڻهن لاءِ بہ فائديمند آهن.
انسٽيٽيوٽ جي نگرانيءِ هيٺ ڪيتريون ئي اهم رٿائُون جاري آهن، جن ۾ شاه عبداللطيف ڀٽائيءِ جي شاعريءَ تي مشتمل ڊجيٽل ڊاٽابيس "ڀٽائيپيڊيا" ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ مصنوعي ذھانت تي آڌاريل چيٽ اسسٽنٽ جو نيٽورڪ نالي "سِنڌ.اي آءِ" شامل آهن. اهڙن منصوبن ذريعي انسٽيٽيوٽ سنڌي ٻوليءَ کي نہ رڳو تاقيامت سانڍي رهيو آهي، پر ان کي بين الاقوامي سطح تي سڃاڻپ بہ ڏيارئي رهيو آهي. اسان سمجهون ٿا تہ ٻولي فقط رابطي جو ئي وسيلو ناهي، پر اها هڪ قوم جي سڃاڻپ، تاريخ، ۽ فڪر جو اظھار پڻ آهي. عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لئنگئيج انجنيئرنگ جو مکيہ مقصد آهي تہ سنڌي ٻوليءَ کي عالمي لساني برادريءَ ۾ هڪ متحرڪ، علمي ۽ ٽيڪنالاجيڪل ٻولي طور اجاگر ڪيو وڃي.